ظهير مهدي

ظهير مهدي

ظهير مهدي

ظهير مهدي: ناميارو شاعر، موسيقار ۽ براڊڪاسٽر ظهير مهدي 1927ع ڌاري لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو افتخار مهدي هو. هن عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ۾ بطور پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪئي. کيس اردو ۽ عربي ٻولين تي عبور حاصل هو. 1974ع ۾ لاهور ۾ رٿيل ٻين اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي ترانو ’هم تا به ابد سعي و تغير ڪي ولي هين‘ سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي. ان کان علاوه احمد راشدي جي آواز م ڳايل نغمو ’بندر روڊ سي ڪياماڙي، ميري چلي ري گهوڙا گاڙي‘ مشهور آهي، جيڪو ظهير مهدي جو لکيل ۽ ڪمپوز ڪيل آهي. ان کان سواءِ فيض احمد فيض جو لکيل مشهور نظم ’دشت تنهائي‘ جي موسيقي به هن ترتيب ڏني هئي. هي شاعري ۾ ’ضوڪليمي‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هن 5 اپريل 1988ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچي ۾ آهي.


لفظ ظهير مهديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.04.05  عيسوي

ظهير مهدي 1927ع ڌاري لکنؤ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.هن 5 اپريل 1988ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچي ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عظميٰ گيلاني
آريسر عبدالغفور
محمد احمد شاھ
سومار خان استاد ننڍو
پرڪاش مڻي دادي
چانڊيو شهمير خان ’شهمير‘
سليم ناصر
حڪيم محمد مراد چنا
شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي
جيون گرساهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون